شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اربع - 02 - ڊسمبر - 2020ع

سنڌ جو ناليوارو اديب ۽ ترجمي نگار عطا محمد ڀنڀرو لاڏاڻو ڪري ويو


شام 08 لڳي 26 منٽ -اربع 03 جون 2020 

image-1


حيدرآباد؛ سنڌ جو ناليوارو اديب، تاريخدان ۽ ترجمي نگار سائين عطا محمد ڀنڀرو 87 ورهين جي ڄمار ۾ ڳوٺ بچل ڀنڀرو ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هن سنڌ جي تاريخ تي ٽي سئو کان وڌيڪ ڪتاب لکيا. عطا محمد پهرين فيبروري 1936ع تي ڳوٺ بچل ڀنڀرو تعلقو سوڀوديرو ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ حمزي رڪڻائيءَ ۾ پرائي جنهن کانپوءِ انگريزيءَ جا پهريان پنج درجا اي وي اسڪول هڱورجا مان پاس ڪيائين. مئٽرڪ ٺري ميرواهه جي هاءِ اسڪول مان پاس ڪري خيرپور ميرس جي ممتاز ڪاليج مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي. عطا محمد ايل ايل بي جي تعليم ايس ايم لا ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪئي ۽ وڪالت جي شروعات گمبٽ جي وڪيل هادي شيخ سان گڏ ڪيائين. هن ڪيترن ئي انگريزي ڪتابن جو ترجمو پڻ ڪيو. ان کانسواءِ موهن جي دڙي جي لپي جي ڀاڃ تي به سندس ڪتاب آيل آهي. عطا محمد ڀنڀري تاريخ  ۽ تهذيبن جي اهم ترين ڪتابن کي سنڌي ويس ڏنو. سندس جنازي سڀاڻي اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪئي ويندي.